مبارڪپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي، عورت ۽ ٻارڙي اغوا

0
142

مبارڪپور ۾ سڱاوتي تڪرار

مبارڪپور (رپورٽر) مبارڪپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان مهر برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ عورت سوڌو 6 ڄڻا زخمي، هٿياربند هڪ عورت ۽ ٻارڙي کي مبينا طور اغوا ڪري ويا

ڳوٺ اچيهر ۾ حملي دوران جهيڙي بعد اغوا ٿيلن ۾ عورت زبيده مهر ۽ نينگري زليخان مهر شامل آھن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڳوٺاڻي الهڏنو مهر جو چوڻ آهي ته سُليمان ۽ محمد نواز جي ڌُر گهرن تي حملو ڪيو، اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس نه پهتي

 جوابدار عورت ۽ نينگري کي سرِعام اغوا ڪري کڻي ويا، الزام هيٺ آيل سليمان مهر چيو آهي ته ٻنهي ڌُرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي علي نواز جي ڌُر تڪرار جي نبيري لاءِ تيار نه آهي

سليمان مھر موجب حملي جا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، پوليس مبينا اغوا ٿيل عورت ۽ نينگري جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام، معاملي جي جاچ جاري آھي

ھي به پڙھندا

پنوعاقل: ڪچي ۾ مبينا طور چورن جي فائرنگ، نينگري قتل

ميرپورخاص ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري قتل