مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ارڙي شدت اختيار ڪري وئي، ان ڏس ۾ لوهر برادري جي هڪ ئي گهر جا پنج معصوم ٻارڙا خالد علي، اعتبارعلي، مولا بخش، سلمان لوهر ۽ نينگري روبي ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڳوٺ عبدالله ٻرڙو ۾ نوردين ٻرڙو،ڳوٺ وريام مستوئي ۾ حفيظ مستوئي، ڪريم حسين مستوئي پڻ مريضن ۾ شامل آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود صحت کاتي جي عملدارن ڪو به قدم ناهي کنيو.