مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور لڳ واهه مان ٻارڙي جو لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، ٻارڙي جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، خبر موجب مبارڪپور ۾ 2 ڏينهن اڳ نور واهه مان 8 ورهين جي زويا پنهيار جو لاش مليو هو، جنهن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٻارڙي جي چاچي عبدالغني پنهيار جي فرياد تي ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته شاھد پنهيار ۽ ٻين معصوم زويا پنهيار جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي قتل ڪري سندس لاش بيگاري ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو، هوڏانهن زويا جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، ياد رهي ته نور واهه مان لاش هٿ اچڻ بعد ٻارڙي زويا پنهيار جي وارثن قتل خدشو ظاهر ڪيو هو.