ماڻهوءَ جو مُلھه ڪهڙو آهي؟!!

0
14
ماڻهوءَ جو مُلھه ڪهڙو آهي؟!!

صدين کان اهو محاورو ٻڌندا پيا اچون ته ماڻهو مُلھ اَملھ آهي. معنيٰ ماڻهو بي بها (بيش قيمت ۽ انمول آهي) هر شئي کان مٿانهون، اُتم، مرتبو ۽ درجو رکي ٿو. اِهو انسان ئي آهي، جنهن بي ترتيب ڪائنات کي ترتيب ڏنو، جنهن هِن هيڏي وسيع ڪائنات ۾ ڪيترين ئي رازن کي پڌرو ڪيو، کڻي انسان  انهيءَ ڪائنات ۾ موجود هڪ ننڍڙي ٽُڪري (جنهن کي ڌرتيءَ جو نالو ڏنو ويو) تي جنم ورتو، مختلف دور ڏٺا، مختلف دريافتون ڪيون ۽ مختلف ايجادون ڪيون ته اُهو انسان ڀلا عظيم ڪيئن نه ٿو ٿي سگهي؟ هتي انسان هزارين سالن کان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندو آيو آهي. مختلف وبائن کان وٺي مختلف سوچ، فڪر ۽ عقيدن ۾ ڦاٿل پاڻ جهڙن انسانن کي “انسان” به ٺاهيندو آيو آهي. هن ڌرتيءَ تي عِلم انسان جي وڏي ۾ وڏي دريافت آهي ۽ پوءِ انهي علم جون مختلف شاخون سندس ڪاميابيءَ کي سدائين چار چنڊ لڳائيندا آيا آهن. علم جي وسيلي ئي انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاتو، ڪائنات جا ڳُجھ ڳولي لڌا ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون.  غير آباد زمين کي کيڙي، سئون سڌو ڪري سر سبز ۽ آباد ڪيو، ڇُڙواڳ ۽ ٻوڙان ٻوڙ پاڻي کي پنهنجي جيئدان يعني (پيئڻ ۽ زراعت لاءِ) هڪ جاءِ تي گڏ ڪري، ڪم ۾ آندو، اها ٻي ڳالھ آهي ته هر ايندڙ نسل هر ويندڙ نسل کان سوچ، فڪر ۽ اڳتي وَڌڻ لاءِ گهڻي جدوجهد ڪئي يا اُن جي ڪيل غلطين، ڪوتاهين يا تجربن کان سکيا حاصل ڪئي.

اِها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته انسان جتي منزلون ماڻيون، عروج ماڻيو، اُتي کيس ذلالت ۽ پَستيءَ کي به مُنهن ڏيڻو پيو. جِتي آزاديءَ جا مزا ماڻيا اُتر قيد، سختين ۽ پابندين جي پنجوڙ ۾ به ڦاٿو. انسان پنهنجي عزمِ ڪامل (اٽل ارادن) سان پهاڙن جون چوٽيون سَر ڪيون، آسمان جي بلندين کان ٿي آيو، معرڪه آرائيون ڪيون، بادشاهتون ۽ شهنشاهتون جوڙيون، ڌرتيءَ کي جنت نظير بڻايو مگر ٻئي پاسي  پنهنجي تباهيءَ جو سامان به خود پيدا ڪيو.. انسان پهريون جُرم ڪنهن انسان کي ناحق ماري ڪيو، اُن جي حق تلفي ڪري يا ڏاڍ ڏيکارڻ سان ڪيو. انسان جانور کان ڦِري جڏهن سماجي جانور بڻيو ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي پيو. ڇو ته جانور فقط هڪ عمل ڪندو آهي يعني ڪنهن کي مارڻ جو، لتاڙڻ جو يا کائڻ جو، مگر انسان سماجي جانور (نام نهاد معاشرتي شريف انسان) بڻجي هزارين جُرمن  ۽ اَٽڪلن کي جنم ڏنو. انسان جڏهن ٻين ڪاڻ جيئڻ جهڙي عظيم تصور کي پُٺي ڏيئي فقط پنهنجي پاڻ لاءِ جيئڻ شروع ڪيو، ماڻهن جي اکين ۾ ڌُوڙ وجهي اجتماعي قتلِ عام ڪيو، پنهنجي ضِد ۽ اَنا کي تسڪين پهچائڻ لاءِ پاڻ کان ڪمزور انسانن کي ئي تنگ ڪرڻ ۽ ستائڻ شروع ڪيو، سازشون سٽي کيس طرح طرح سان (ڪڏهن ظاهر ٿي ته ڪڏهن لِڪي) مٿس حملا ڪيا، جُهڪائڻ چاهيو، پنهنجي پيرن تي ڪيرائڻ چاهيو، تاريخ گواھ آهي، تنهن ڏينهن کان انسان ته موجود آهي مگر انسانيت ختم ٿي وئي آهي! اهڙي انسان هجڻ جو ڪهڙو فائدو، جنهن جو وجود ۽ شاطرانا سوچ ٻئي انسان لاءِ هاڃيڪار هجي. انسان ته اوتار آهي (ڀڳوان جو ٻيو رُوپ آهي) ڪيترن ئي مذهبن ۾ سندس پُوڄا ٿي آهي، پوءِ انهيءَ ئي عظيم انسان کي هيڻو ۽ لاچار بڻائي سماج ۾ ڇو ٿو ڀٽڪايو وڃي. سندس سوچ جي سُوئيءَ کي هڪ جاءِ تي ڇو ٿو اَٽڪايو وڃي؟ سندس برين واش ڪري کيس سماج لاءِ ناسُور ڇو ٿو بڻايو وڃي. اُهي به انسان هئا، جن انسانذات جي ڀلائي لاءِ بادشاهتن کي لَت هنئي، عُهده ۽ محلات ڇڏيا، ڇو ته اُنهن کان انسانن جون تڪليفون ۽ سُور ڏٺا نه ٿي ويا! دنيا ۾ آپيشاهي جي نظامن، آزاد خيال انسانن جي برابري واري نازڪ سوچ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. طبقاتي جهان جي خاتمي لاءِ ڪيترائي مردِ مجاهد عملي ميدان ۾ لٿا ۽ نيٺ کيپ کٽي ڏيکاريائون مگر اڄ جو انسان اِن حوالي سان ڪهڙي درجي تي بيٺو آهي، ان تي بحث ئي اجايو آهي، ڇو ته هرڪو ڄاڻي ٿو ته اڄڪلھ عزت صرف پئسي وارن جي آهي. ان لاءِ اڄ جو انسان پئسو ڪمائڻ جي جنون ۾ چور بازاري، هيرا ڦيري، بليڪ مارڪيٽنگ، ڪُوڙ، ٺڳي، ڪُوڙن قَسمن کڻڻ، ڪُوڙن واعدن ڪرڻ، دوکيبازين ۽ اهڙن انيڪ ناسورن ۾ ڦاٿل آهي، جن ماضي جي تخليق ٿيل خوبصورت ڌرتيءَ جي خوبصورت سطح کي بدصورت ڪري ڇڏيو آهي. بد ڪرداري ۽ ٻئي جي سيني تي لَت رکي اڳيان وڌڻ اڄ جي انسان جو مَرڪ ٿي پيو آهي، ڪنهن به طريقي سان دولت ميڙڻ جي لالچ اڄ جي انسان کي بي سڪون ڪري ڇڏيو آهي. دوستن، يارن، مِٽن مائٽن سان ٺَڳين، اڄوڪي انسان جو ٻئي انسان تان اعتماد ختم ڪري ڇڏيو آهي. ويساھ گهاتي ڪرڻ اڄ جي انسان جي سُڃاڻپ بڻجي اُڀري رهي آهي، جيڪا يقينن مستقبل لاءِ ڪنهن به صُورت بهتر سئنوڻ ناهي. ٻئي جي خير خواهي، ٻئي جي لاءِ درد، ٻئي جي لاءِ مُثبت سوچ جي جاءِ اڄڪلھ تعصب، ساڙ ۽ ناڪاري سوچ جهڙا جارحاڻا رَويا وٺي رهيا آهن، بس پنهنجو پيٽ ڀريل هجي، پاڙيسري بُک مري ته ڀلي مري.  پاڻ صحتمند هجون ڀاءُ بيماري جي بستري تي هجي ته ڀل هجي. دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ جو انسان غلط رستي تي هلي پيو آهي (ڀلي پوءِ اهو ڪهڙي به مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندو هجي). انسانيت جو ذرو به احساس نه رهيو آهي، ڪو انسان باھ ۾ سَڙندو پيو هوندو ته ٻيا مٿس پاڻي هارڻ جي بدران تيل هارڻ جو ڪم ڪندا، ڪو ٻُڏندو پيو هوندو ته ٻيا (خدا جا بندا) ڪناري تي بيهي سندس  فوٽا پيا ٺاهيندا ۽ تماشو پيا ڏسندا.

جديد دور ۾ “منهنجو ڇا وڃي” جهڙن منفي رَوين سچ ته اوائلي انساني اڏيل محبتي ۽ ڏکيي ويل هڪٻئي جي ڪم اچڻ  جهڙا سون ورني سوچ جا بکيا اُڊيڙي ڇڏيا، هن دور ۾ ان کان وڏو انساني سانحو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو ڏينهن جو چند ٽَڪن جي عيوض انسان انسان جون خُون ڪري فرار ٿي وڃي ٿو، راتين جو چور مالوندن جي گهرن ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي مال ڪاهي وڃن ٿا، ڪير ڪٿي به پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجهي، هرڪو صبح کان شام تائين هڪ خوف واري ڪيفيت ۾ گذاري ٿو، پنهنجي حوالي سان پنهنجي ٻارن جي حوالي سان هر ماڻهو بد حواس لڳو پيو آهي، وياڪل ۽ اجنبي لڳو پيو آهي.

هن وقت سنڌ، ڌاڙيل ڪلچر، مذهبي جنونيت، وڏيرا شاهي جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن ڦاسندي پئي وڃي، صوبي جي سڄي ڪامورا شاهي (جيڪي بظاهر پاڻ کي وڏيرن جا مخالف ۽ ماروئڙن جا همدرد سڏرائيندا آهن) اُهي پاڻ پڻ ڀوتارن جا پير پڪڙي ويٺل نظر اچن ٿا. جهالت جو راڪاس تمام تيزيءَ سان نئين نسل کي ڳڙڪائي رهيو آهي، مذهبي امتياز، رنگ، نسل ۽ خاندانن جو فرق انسانن ۾ وِٿيون پيدا ڪري رهيو آهي. ٿاڻا، ڪورٽ، ڪچهريون ۽ ٻيا سرڪاري ادارا بااثرن جون ذاتي ملڪيتون ٿي ويون آهن، عام ماڻهوءَ جو ڪو به مُلھ ناهي رهيو.