حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد پوليس جي هڪ انسپيڪٽر، ٻن سب انسپيڪٽرن ۽ ٽن پوليس ڪانسٽيبلن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي. انهن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي ماڻهن کي يرغمال بڻائي پئسا وٺڻ جو الزام آهي. جن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي انهن ۾ انسپيڪٽر آصف جتوئي، سب انسپيڪٽر سيف الله گل، سب انسپيڪٽر وحيد پنهور، پوليس ڪانسٽيبل زبير، پوليس ڪانسٽيبل زوهيب ۽ پوليس ڪانسٽيبل محمود گجر شامل آهن. انسپيڪٽر آصف جتوئي، سب انسپيڪٽر سيف الله گل، پوليس ڪانسٽيبل زبير ۽ محمود گجر سائيٽ ٿاڻي تي مقرري دوران هڪ هوٽل مالڪ کي يرغمال بڻائي هن کان اي ٽي ايم ذريعي پئسا ڪڍرايا هئا. اهڙي شڪايت تي ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار کي معطل ڪري سندن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو هو. اهڙي ريت تازو ئي سب انسپيڪٽر وحيد پنهور ۽ ڪانسٽيبل زبير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ ٻن همراهن کي يرغمال بڻائي کانئن 19 لک رپيا آن لائين ٽرانزيشن ڪرائي هئي. سب انسپيڪٽر وحيد پنهور ۽ پوليس ڪانسٽيبل زبير هن وقت جيل ۾ آهن. سب انسپيڪٽر وحيد اي ٽي ايف انچارج طور اها ڪارروائي ڪئي هئي. سندن خلاف سي آءِ اي جي ٽيم انڪوائري ڪئي هئي ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سندن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار انهن پوليس آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن جي برطرفي جا آرڊر صحيح ڪري ڇڏيا آهن.