مٽياري/ کيبرر/ پنگريو (نمائندن وٽان) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جو سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو جاري آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه پير پاڳارو صبغت الله شاهه راشدي پنگريو پهچڻ کان پوءِ کيبر ۽ مٽياري ڀرسان سيکاٽ پهتو، پير پاڳاري سيکاٽ ۾ سمان برادريءَ جي نيڪ مرد جمشيد سمون جي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي آهي، ان کان اڳ پير پاڳارو مٽياري پهتو جتي هن اڳوڻي ايم پي اي سيد جلال شاهه ڄاموٽ سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اڳوڻي ايم پي اي جي ڊي اڳواڻ سيد حاجي جلال شاهه ڄاموٽ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات دوران سيد خدا ڏنو شاهه ڄاموٽ، سيد امداد علي شاھه ڄاموٽ، سيد غلام مجتبا شاھه ڄاموٽ، سيد حسن مرتضي شاھه ڄاموٽ، سيد جنيد اڪبر شاھه، سيد زين شاهه ڄاموٽ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کانپوءِ حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳاري مٽياري ڀرسان سيکاٽ ۾ معزز شخصيت ذوالفقار سمون، جمشيد سمون طرفان رکيل مانجھاندي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پير پاڳاري چيو ته ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ماني ناهي. ٻارن وٽ اسڪول في نه آهي. زرداري جي حڪومت مڙئي هلي پئي. سيکاٽ پهچڻ تي سمان برادري سان گڏ سوين عقيدتمندن ۽ مريدن ۽ عورت مريدياڻين استقبال ڪيو جتي پير پاڳاري جي روحاني ديدار جي اوسيئڙي ۾ سوين مريد گڏ ٿي ويا. ٻئي طرف حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو جڏهن کيبر پهتو ته اتي سندس يوسي اڏيرو لعل وليج ۽ يوسي شير محمد ٺوڙها مان آيل سندس عقيدتمند ۽ مريد ۽ مريدياڻي عورتن استقبال ڪيو . ان کان اڳ پنگريو ڀرسان لاڙ چوڪي جي دعوت تي پير پاڳاري سيد صبغت الله شاه راشدي لاڙ جي لال سيد سمن سرڪار جي نگري لڳ ڳوٺ علي خان گاڏيواڻ ۾ مريدن عقيدت مندن کي زيارت ڪرائي. جڏھن ته پير پاڳاري جي 7 روزا روحاني سفر جي ھي آخري دعوت ھئي. جنھن کانپوءِ پير پاڳارو پنھنجو روحاني سفر ختم ڪري پير ڳوٺ لاءِ روانو ٿي ويو. عقيدت مندن ۽ جماعت کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته ملڪ مان دھشتگردي سياستدانن نه پر فوج قرباني ڏئي ختم پئي ڪري. سندس ساٿ ڏيو. ھن نصيحت ڪندي والدين کي چيو ته اهي پنھنجي اولاد کي گٽڪي مين پڙي سميت منشيات کان بچائين. گھٽڪي ۽ مين پڙي جي ڪري ڪينسر جو مرض ٿئي ٿو ۽ صحت خراب ٿي وڃي ٿي. پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته نياڻين کي تعليم ڏيو مونکي خوشي آهي ته جماعت جون نياڻيون ڊاڪٽر انجنيئر وڪيل سميت اھم مقام تي پھتيون آھن کين سٺي تربيت به ڏيو ته سندن زندگي ۾ آساني پيدا ٿئي پير صاحب چيو ته درود سلام سان گڏ نماز پڙھو ھڪٻئي سان ڀلائي ڪريو پنھنجي ڇوڪرن جو خيال ڪريو ته جيئن بري صحبت کان بچي سگھن.