ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شويتا تيواري هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ڌيءَ پلڪ تيواري ۽ سيف علي خان جي پٽ ابراهيم علي خان جي لاڳاپن جي افواهن تي ڳالهايو آهي. ڪجهه عرصي کان پلڪ تيواري ۽ ابراهيم علي خان جي لاڳاپن جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر پهريون ڀيرو پلڪ تيواري جي ماءُ شويتا تيواري ان بابت ڳالهايو آهي. اداڪاره شويتا تيواري ٽي وي انڊسٽري ۾ ڏکيو پر شاندار سفر ڪيو آهي، جڏهن ته اڪيلي ماءُ جي حيثيت سان هن کي پنهنجي ڌيءَ پلڪ تيواري جي پرورش ۾ به ڏيکيائين کي منهن ڏيندي ڪئي،  اداڪارا پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات کان ئي افواهن ۽ ٽرولنگ ​​کي منهن ڏئي رهي هئي، اهو ئي سبب آهي ته شويتا هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ پنهنجي ڌيءَ کي ٽرول ٿيندي ڏسي خوفزده ٿي ويندي آهي. هڪ خاص انٽرويو دوران، شويتا پلڪ تيواري جي رشتي ۽ ڊيٽنگ جي افواهن بابت ڳالهائيندي چيو ته افواهون آهن ته منهنجي ڌيءَ هر ٽئين ڇوڪري کي ڊيٽ ڪري رهي آهي ۽ مان هر سال شادي ڪري رهي آهيان. پلڪ جي لاڳاپن جي افواهن بابت ڳالهائيندي شويتا چيو ته هاڻ افواهون مون کي وڌيڪ پريشان نه ٿيون ڪن، انهن سمورن سالن ۾ مون ڏٺو آهي ته ماڻهن جي يادگيري صرف چار ڪلاڪ رهي ٿي، جنهن کان پوءِ اهي خبرون وساري ڇڏيندا آهن، پوءِ ڇو پريشان ٿجي؟ شويتا کلندي چيو ته افواهن مطابق مون اڳ ۾ ئي ٽي شاديون ڪيون آهن، اهي ڳالهيون هاڻي مون کي پريشان نه ٿيون ڪن، اهي ڳالهيون تڏهن اثرائتيون هيون، جڏهن سوشل ميڊيا نه هئي ۽ ڪجهه صحافي توهان جي باري ۾ سٺيون ڳالهيون لکڻ پسند نه ڪندا هئا، ڇو ته اداڪارا بابت صرف منفي خبرون وڪرو ٿينديون هيون، ان دور کي منهن ڏيڻ کانپوءِ اهي شيون هاڻي مون تي اثر نه ٿيون ڪن،  سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ​​جي حوالي سان شويتا جو چوڻ هو ته منهنجي دور ۾ سوشل ميڊيا ايترو گهڻو نه هو، ان ڪري مون کي اها خبر نه هئي ته ٽرولنگ ​​کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، پر منهنجي ڌيءَ اها هئي، جنهن سڀ کان پهرين ٽرولنگ ​​کي منهن ڏيڻ سکيو، مون پلڪ کي انهن کي سنڀاليندي ڏٺو ۽ مون کانئس سکيو.