قاضي احمد: سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پيش آيل واقعي جو مقتولن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
سي آءِ اي انچارج مقصود مڱڻهار جي فرياد تي 250 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو
ايف آئي آر گناهه نمبر39 پي ايس ماڙي جلباڻي تي قلم324،354 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مقتولن جا وارث لياقت جلباڻي، رجب، غلام
رسول، موريو، منير جلباڻي ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آهن
ڪيس ۾ 200 کان 250 نامعلوم ڳوٺاڻن کي به نامزد ڪيو ويو، ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۽ رينجرس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته ڳوٺاڻن گهيرو ڪري ورتو
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رينجرز پنهنجي جوانن کي ڇڏائڻ لاءِ لاٺي چارج ڪئي ته ڇتين تي ويٺل ڳوٺاڻن فائرنگ ڪري ڏني، ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ سندن ئي ڳوٺاڻن کي گوليون لڳيون، رينجرز جي فائرنگ ۾ صرف هڪ ڄڻو زخمي ٿيو
هي به پڙهندا
ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا