ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي بابت نوابشاهه جي ايس ايس پي جي رپورٽ کي رد ڪندي ڊي آءِ جي کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي سمورن شاھدن ۽ مقتولن جي وارثن کي پهرين ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن پاران رچايل مقابلي ۾ 4 ڳوٺاڻن جي  قتل ۽ 12 ڄڻن  جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي نوابشاهه پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي، عدالت کانئس پڇاڻو ڪيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جو ڇا ٿيو؟ هينئر تائين جي رپورٽ ڇا آهي؟ عدالت ايس ايس پي جي پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي کانئس پڇاڻو ڪيو ته فريادي ڪٿي آهي، اهو پيش ڇو ناھي ٿيو؟ جنهن تي ايس ايس پي عدالت کي ٻڌايو ته فريادي ھلڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ھو پاڻيهي عدالت ۾ پيش ٿيندو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوليس چالان ۾ جوابدار نامعلوم ڇو آهن؟ توھان پاڻ چئي رھيا آھيو ته پوليس مشڪوڪ ماڻھن کي ڳوليندي رھي آھي، جيڪڏھن پوليس مقابلو ٿيو آھي ته جوابدار نامعلوم ڇو آهن؟ ايس ايس پي عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ پوليس ۽ فريادي جو موقف ساڳيو آهي، عدالت چيو ته جيڪڏهن مارجي ويل ڏوهاري هئا ته معاوضو ڇو ڏنو؟ جنھن تي ايس ايس پي ٻڌايو ته حڪومت پاران وارثن کي قتل جو معاوضو نه پر مدد لاءِ رقم ڏني وئي آھي، ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته توهان مقتولن جي وارثن کي آفيس گھرائي نوٽيس ڇو نه ڏنو؟ مقتولن جي وارثن کي فوري طور آفيس گھرائي نوٽيس ڏيو، عدالت واقعي جي جاچ ڊي آءِ جي نوابشاهه کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي پهرين ڊسمبر تي اڳڀرائپ رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڊي آءِ جي کي ايندڙ ٻڌڻي تي مقتولن جي سمورن وارثن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.