ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران ماڙي جلباڻي واقعي خلاف احتجاجي مطاهرا، ڌرڻا، خبر موجب ڪراچي ۾ سنڌ سجاڳي فورم پاران ٽي تلوار تي سارنگ جويو، سھڻي جويو، ايڊووڪيٽ ماجد گبول ۽ محمد خان شيخ  جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف مختلف ساسي سماجي پارٽين پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سکر ۾ حڪيم زنگيجو، يامين ميراڻي، مالڪ کوسو ۽ ستار زنگيجو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان لياقت علي عمراڻي، عبدالستار جاگيراڻي، سيد رستم شاهه، ديدار علي سولنگي، رسول بخش ڀٽو، شاهنواز ٿهيم، خادم بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ شھيد ڀٽو طرفان ماڙي جلباڻي واقعي خلاف گلبھار جعفري، منير کوسو، شاھنواز ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مطاهرو ڪيو ويو، قمبر ۾ يوٿ فورم طرفان اياز ٻرڙو، بخت ڀٽو، مهتاب شيخ، لطيف گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺٽي ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ  طرفان ماڙي جلباڻي واقعي خلاف مدد ميرجت، نظر جاکرو، اعجاز بروھي، شھريار ڪيريو، سلمان جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميھڙ ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران بلاول ڀرڳڙي، اطھر پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيئي سنڌ محاذ ۽ نئون ڳوٺ شھري اتحاد پاران به مظاهرو ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاهه ۾پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سڏ تي ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ طبقاتي جدوجھد سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته ماڙي جلباڻي واقعي ۾ بيگناهه ڳوٺاڻن کي قتل ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.