حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ ماڻهو قتل ڪيا ويا هئا. هي سنڌ جي شعور جي جدوجهد ۽ مسلسل احتجاج هو جنهن ڪري گهرو وزير پهرين جن ماڻهن کي دهشتگرد پيو چوي اڄ اهو انهن جي گهر وڃي انهن کي چئي پيو ته اوهان بيگناهه آهيو. توهان کان معافي ٿا وٺون ۽ انهن کي اهو چوي ٿو ته مان غلط بيان ڏنو آهي ۽ اوهان کي 80 لک معاوضو هڪ معصوم خون جي بدلي ڏيون ٿا. اها سنڌ جي شعور جي فتح آهي پر سنڌ انصاف پئي گهري. سنڌ گهر ڪري ٿي ته ان معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي جنهن ۾ انتظامي عملدار نه بلڪه عدليا جا عملدار مقرر ڪيا وڃن، اها انصاف جي تقاضا آهي ته قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن انهن جي مٿان معصوم ڳوٺاڻن تي گوليون هلائڻ انهن کي قتل ڪرڻ، انهن کي زخمي ڪرڻ ۽ انهن کي حراسان ڪرڻ جا ۽ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري انهن جو ٽرائل هلايو وڃي. ايئن ناهي ته خونن جا پئسا ڏئي انهن کي چئو ته اوهان کي معاوضو ڏنوسين. سنڌ ڏسڻ ٿي چاهي ڇاڪاڻ ته امان جندو چانڊيو قاتلن کي ڦاهي تي چاڙهايو هو پر انهن کان معاوضو قبول نه ڪيو هو جنهن جو خاندان ڀٽڪندو رهيو ۽ ان جي سڄي خاندان کي برباد ڪيو ويو. هن چيو ته اسان اڄ چئون ٿا ته ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن. حڪومت جو اهو فيصلو قبول ناهي، سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو ڏسڻ ٿا چاهين قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن.