سڪرنڊ (ن پ ا) حيدرآباد هاءِ ڪورٽ مان وڪيلن جو وفد سڪرنڊ ماڙي جلباڻي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻن جي وارثن سان تعزيت ۽ ڪيس جي حوالي سان قانوني ۽ سياسي مدد لاءِ ڳوٺ ماڙي جلباڻي پهچي ويو، وڪيلن جي وفد ۾ ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند، اندر جيت لوھاڻو، مسرور شاھ، محمد علي شيخ، مسعود سومرو، شبير احمد سولنگي، اعجاز علي ڏاھري، جنيد احمد ڏاھري، علي غلام ڪيريو، ذوالفقار ٿيٻو، فھيم شيخ، محب آزاد،ڌڻي بخش سولنگي، ممتاز علي انڙ، دلشاد ڪيريو، عرفان چانڊيو، مسرور علي نائچ شامل هئا، وڪيل برادري پنھنجي موقف ۾ واضح ڪيو ته سڪرنڊ ماڙي جلباڻي ۾ پيش آيل واقعو سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ عدالت کان مٿانهون قتل آهي، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،وڪيل برادري ڳوٺاڻن ۽ وارثن کي واضع ڪيو ته جيڪڏھن وارث ڪنھن وڏيري مير پير جي دٻاءُ ۾ اچڻ بدران انصاف لاءِ بيهندا ته اسان قانوني ۽ سياسي حوالي سان آخري حد تائين بيھي ڏوھارين کي ڦاسي تائين پھچائينداسين. اسان کي مائي جندو جي تاريخ کي ٻيھر رقم ڪرڻ جي ضرورت آھي.وڪيلن موجب ته دھشتگردي جي ايف آئي آر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويندو.