ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شھيد بينظيرآباد جي ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) حيدر رضا ماڙي جلباڻي ۾ قتل ٿيل 4 ڳوٺاڻن کي بيگناھه ۽ معصوم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت جي ايس ايس پي کي ڇنڊ، ڇا ڳوٺاڻا ڇتين تي لڪي ويٺل هئا؟ عدالت جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 4 بيگناھه ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ ۽ واقعي جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي شھيد بينظير آباد عدالت کي ٻڌايو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ دھشتگردن جي موجودگي جا اطلاع ھئا، دھشتگردن پاران ڪيل فائرنگ ۾ ڳوٺاڻا قتل ٿيا، عدالت ايس ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن رينجرز ۽ پوليس پھتي ته ڇا ڳوٺاڻا اڳ ۾تيار ھئا؟ اهي انتظار ۾ ھئا ۽ ڇتن تي چڙهي ويا، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان کي پوليس ۽ حڪومت تي اعتبار ناهي، هاءِ ڪورٽ جي جج تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته ضلعي سيشن جج جي سربراھي ۾ جي آءِ ٽي جوڙيون ٿا، درخواستگذار ذوالفقار جلباڻي جي وڪيل حيدر امام چيو ته بيگناھ ڳوٺاڻا قتل ٿيا آهن، اسان ايچ آر سي پي جي رپورٽ پيش ڪريون ٿا، عدالت ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي کان جي آءِ ٽي ۽ ٻين ڌرين جون رپورٽون طلب ڪري ورتيون، عدالت صوبائي حڪومت ۽ رينجرز کان جواب طلب ڪري ورتو، هوڏانهن ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد اعتراف ڪيو ته مارجي ويل ڳوٺاڻن تي ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه ھو، ٻنهي طرفن جي ڪراس فائرنگ ( فائرنگ جي ڏي وٺ) ۾ بيگناھ ڳوٺاڻا مارجي ويا آھن، رياست ( اسٽيٽ) کي انهي جو احساس آھي، رياست مقتولن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، هن چيو ته ماڙي جلباڻي ڳوٺ امن وارو ڳوٺ آھي، پراڻي دور ۾ دھشتگرد موجود ھوندا ھئا، ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، هن چيو ته قانون موجب هڪ واقعي جو2 ايف آءِ آرز داخل ڪري نٿيون سگھجن، ھڪ ڪلاڪ اندر پوليس پاران پھرين ايف آءِ آر ڪاٽي وئي، ٻي ايف آءِ آر وڪيلن جي پريشر تي داخل ٿي، اسان مقتولن جي وارثن پاران داخل ايف آءِ آر جي جاچ ڪريون پيا، ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.