ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي قتل ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، فريادي ۽ مقتول جي قانوني وارثن کي طلب ڪري ورتو، عدالت پوليس کي ٻن هفتن ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾  4 ڄڻن جي قتل ۽ عورتن سميت 12 ماڻھن  کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، مدعي ۽ مقتول جي قانوني وارثن کي طلب ڪري ورتو، عدالت پوليس کي ٻن هفتن ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رينجرز ۽ سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي، ٻڌڻي دوران رينجرز جي پراسيڪيوٽر حبيب احمد ٻڌايو ته حقيقت ۾ درخواست جو جواب سنڌ حڪومت کي جمع ڪرائڻو آھي، سنڌ حڪومت مقتولن جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، معاوضي جي رقم لاءِ تقريب به منعقد ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، واضح رهي ته 28 سيپٽمبر تي سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ۽ 12 زخمي ٿي پيا هئا.