نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي واري واقعي جي سلسلي ۾ وزير اعليٰ پاران جوڙيل انڪوائري ڪاميٽي ڪمشنر آفيس شهيد بينظير آباد ۾ ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه، ڊي آئي جي اسپيشل برانچ ڪراچي آصف اعجاز شيخ، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيو تي مشتمل ڪاميٽي ماڙي جلباڻي جي علائقي معززن راڻو جلباڻي، باغ علي جلباڻي، علي گل جلباڻي ۽ ٻين کانسواءِ نوابشاهه جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز مقصود مڱڻهار، مريم ڀرٽ، طفيل ڀٽو، مجيب ناريجو ۽ راڻا جمشيد جا بيان قلم بند ڪيا جنهن بعد جاچ ڪميٽي جي سربراه خالد حيدر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت تائين پوليس آفيسرن ۽ ڪجھه ڳوٺاڻن جا بيان قلمبند ڪيا آھن انڪوائري اڃان ھلي پئي جيڪي به رزلٽ آيا انشاءالله توھان کي خبر پئجي ويندي وارث ڪاميٽي اڳيان پيش نه ٿيا آھن، ڇا انھن ڪاميٽي تي عدم اعتماد ڪيو آھي جي جواب ۾ ڪمشنر چيو ته اھڙي ڪا به ڳالھه نه آهي، انھن سان به رابطو ڪيون ٿا، وارثن جڊيشل انڪوائري جي گھر ڪئي آھي، جي سوال تي ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاھ چيو ته اھا انھن جي گھر آھي، انھي کي به ڏسي وٺنداسين، ھن چيو ته پلان ڪيون پيا ته واقعي واري ھنڌ وينداسين، ٻئي طرف ڪاميٽي وٽ بيان قلم بند ڪرائڻ لاءِ آيل ماڙي جلباڻي جي معززن راڻو جلباڻي، باغ علي جلباڻي، علي گل جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺاڻن کي بيگناھ شھيد ڪيو ويو آھي، ھاءِ ڪورٽ جي جج کان صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ڳوٺاڻا پورھيت ھئا انھن کي بيگناھ قتل ڪيو ويو، انھن تي جيڪڏهن ڪنھن به ٿاڻي تي ھڪ به ڪيس آھي ته ٻڌايو ھنن چيو ته اسان ڪاميٽي کي چيو ته مقتولن جا وارث تڏي تي ويٺل آھن ھنن چيو ته اسان کي ڪاميٽي چيو ته اسان توهان جي رپورٽ وزير اعلي سنڌ تائين پهچايون ٿا ۽ اسان ڳوٺ اچي مقتولن جي وارثن جا به بيان رڪارڊ ڪنداسين انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ وزير اعلي سنڌ کي ڏني ويندي.