حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ماڙي جلباڻي جي واقعي واري ڪيس ۾ ڌرين تي وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ايس ايس پي نوابشاهه کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس امجد سھتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ۾ درخواستگذار رجب جلباڻي پنھجي وڪيل مير احمد مڱريو ۽ عرفان خاصخيلي سميت عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته نوابشاهه پوليس رجب علي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي ۽ کيس مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي. ماڙي جلباڻي واقعي ۾ سندس 5 گهرڀاتين کي گوليون هڻي ماريو ويو. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي جڏهن نوٽيس جاري ڪيا ويا ته پوءِ جواب ڇو نه داخل ڪيو ويو آهي ۽ جواب داخل ڪرائڻ ۾ ايتري سستي ڇو ڪئي وئي آهي؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي اپيل ڪئي ته رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب داخل ڪرايو ويندو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ايس ايس پي نوابشاهه کي حڪم ڏنو ته هو 11 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.