ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ کي پنهنجن ٻنهي پٽن جي ياد اچڻ لڳي آهي جنهن بعد هن جذباتي پيغام شيئر ڪيو آهي.ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پيغام ۾ ٻنهي پٽن آريان ۽ ريان لاءِ لکيو. هن پٽن جون تڏهن جون تصويرون شيئر ڪيون جڏهن هو ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. پوسٽ ذريعي اداڪارا مداحن کي ٻڌايو ته منهنجا ٻاروءَ وقت ڪٿان کان ڪٿي هليو ويو، توهان ٻئي ڪاليج ۾ ڪيئن ٿي سگهو ٿا؟ آئون توهان جي حوالي سان پرجوش آهيان ۽ چاهيان ٿي ته اوهان پنهنجو بهترين اظهار بڻجو. ماڌوري چيو ته آئون اوهان سان هميشه پيار ڪريان ٿي ۽ هر وقت ياد ڪندي آهيان، اوهان ٻنهي کانسواءِ گهر خالي لڳي ٿو