ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار ۽ سينيئر اداڪارا ماڌوري ڊڪشت جي شاديءَ کان اڳ سندس نالو ڪيترن ئي اداڪارن سان جوڙيو ويو.ڪڏهن سنجي دت سان لاڳاپن جون خبرون سامهون آيون ته ڪڏهن چيو ويو ته هوءَ ڪرڪيٽر اجي جاڙيجا سان شادي ڪرڻ جي خواهشمند هئي.پر17 آڪٽوبر 1999ع تي ماڌوري ڊڪشت جي ڊاڪٽر شري رام نيني سان شادي بعد اهڙيون خبرون اچڻ جو سلسلو بند ٿي ويو.ماڌوريءَ جي شادي ڪروڙين مداحن جون دليون ٽوڙي ڇڏيون جن ۾ هڪ بالي ووڊ اسٽار به شامل هو، جيڪو سندس شادي کانپوءِ مايوس ٿي ويو هو .پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪار جيڪي شروف ”ڪافي ود ڪرن“ جي پنجين سيزن ۾ انڪشاف ڪيو ته هو پنهنجي پيءُ سان ذاتي ڳالهيون شيئر ڪرڻ کان گهٻرائيندو هو، پر ان باوجود ماڌوري لاءِ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو.شو دوران ڪرن جوهر جيڪيءَ کان پڇيو ته اُها ڪهڙي اداڪارا آهي، جنهن جي شادي دلين کي ٽوڙي ڇڏيو؟ جنهن تي جيڪي بنا ڪنهن هٻڪ جي ” ماڌوريءَ“ جو نالو ورتو.