ڪراچي (شو بز نيوز) پاڪستاني اداڪارا، مشهور ميڪ اپ آرٽسٽ ۽ مشهور ماڊل ناديا حسين جو گانو ٻڌي ماڻهن کي چاهت فتح علي جي ياد اچي وئي آهي. تازو اداڪارا هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن شرڪت بعد سوشل ميڊيا تي ٽهڪ پئجي ويا. واهپيدار هڪ وڊيو شيئر ڪندي چئي رهيا آهن ته ناديا ۾ چاهت جو روح اچي ويو آهي، هڪ واهپيدار کيس چاهت فتح علي جو فيميل ورزن قرار ڏنو.