سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڌاڙيلن جو حملو، عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، پوليس مقابلي ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا، 2 پوليس اهلڪار شهيد

0
383
ميرو خان ويجهو جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
ميرو خان ويجهو جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

رائونتي (رپورٽ: مظهر حسين چاچڙ) سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڌاڙيلن جي حملي ۾ واٽهڙو عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، واقعي بعد پهتل پوليس سان مبينا مقابلي ۾ عمرو شر سميت 3 ڌاڙيل مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 پوليس اهلڪار به شهيد ٿا ويا

 پوليس موجب ڌاڙيل عمرو شر ۽ ٻين ماڇڪو ويجهو ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب سولنگي برادري جا 4 ڄڻا شهزادو، پرويز، شعبان ۽ حفيظ ٿڏي تي مارجي ويا، گوليون لڳڻ سبب واٽهڙو عورت عابده سيلرو به مارجي وئي

 واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پهتل پوليس جو حملو ڪندڙ ڌاڙيلن سان مقابلو شروع ٿي ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڌاڙيل عمرو شر، سندس سئوٽ ۽ ڪرم علي ڪوش مارجي ويا، گوليون لڳڻ سبب پوليس اهلڪار قاسم به شهيد ٿي پيو

پوليس ذريعن موجب ڪجهه مهينا اڳ کنڀڙا پوليس مبينا مقابلي ۾ 4 ڌاڙيلن کي ماريو هو، ڌاڙيل عمرو شر سولنگي برادري تي مخبري جا الزام هنيا هئا، ڌاڙيلن پاران پلاند طور حملو ڪيو ويو

سنڌ پنجاب دنگ وارو علائقو جنگ جوميدان بڻيل آهي، پوليس جي وڏي نفري پهتل آهي، هڪ زخمي اهلڪار به دم ڏئي ڇڏيو آهي، ڏوهارين، ڳوٺاڻن ۽ عورت سميت 8 ڄڻا مارجي ويا، 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، مارجي ويلن جو انگ 10 ٿي ويو

هي به پڙهندا

شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي