ماڃر جي مٽيءَ جو اڻموٽ مھجورُ شاعر

0
91
ماڃر جي مٽيءَ جو اڻموٽ مھجورُ شاعر

 سجاول ضلعو نه رڳو جاگرافيائي لحاظ ۽ پنهنجي منفرد آبهوا جي اعتبار کان منفرد ۽ خوبصورت ضلعو سمجهيو وڃي ٿو، پر هتان جا ماڻهو به سادا سٻاجهڙا ۽ حُسناڪ دلين جا ڌڻي آهن. شيخ اياز ٿر کي ته گهڻو ساراهيو ۽ ڳايو آهي، پرهن ٺٽي جي محبوب ماڻهن سان گڏ سجاول جي موسم، ماحول ۽ ماڻهن کي به پنهنجي روح پرور لفظن ۾ ياد ڪيو:

ٻه ٽي نينگريون، چاندني تي پتن،

لٿيون اُپسرائون سجاول ۾ ڄڻ،

ڀني رات ڳھرا ٿيا ڳوٺڙا،

آسارو آسارو، گُهلي ٿو ڏکڻ.

                 ڏکڻ جي ان مڌ مست هوائن جي دلفريب هٻڪار ۾ واسيل شھر سجاول جي اوڀر ۾، جنھن ڳوٺڙي تي سورج ديوتا، جا پرھ پڄاڻا پهريان ڪرڻا نڇانڊ ٿين ٿا، تنھن ڳوٺڙي جو نالو سرويچ نگر ئي آهي، جتي محمد صديق پکيئڙي زندگيءَ جا پهريان پساھ کنيا هئا. اُنهن ڏينهَن ۾،  اِها ته ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه هئي ته، هيءُ معصوم وڏو ٿي تاريخ جو سرويچ انسان ٿي ساماڻبو ۽ پنهنجي فنِ شاعريءَ جي پرن تي پرواز ڪري هڪ سگهاري انقلابي شاعر جي حيثيت سان ادب جي افق تي نروار ٿيندو.

1937ع ۾، ڳوٺ ابراهيم تارڙي (سرويچ نگر) ۾ جنم وٺندڙ صديق تارڙو سنڌي ست درجا پاس ڪري، پنهنجي پور وهيءَ ۾ پهچي، شعور جون سڀئي نديون پار ڪري مزاحمتي عوامي شاعر بڻجي ويو. هو نج عوامي شاعر هو. هنجي محبت جو مرڪز سندس ماروئڙا جهانگيئڙا ۽ سانگيئڙا هئا، جن جي ڏولائن ۽ ڏکن تي لکندي، سندس قلم ڪٿي به ساهي نه کنئي. هن جي همعثر دور ۾ جيتوڻيڪ منشي محمد ابراهيم سومرو، محمد خان مجيدي جھڙا سر موڙ شاعر به سنڌ ۾ سنڌي شعر و ادب جي آڪاش تي پنهنجي آب و تاب سان موجود هئا، جيڪي پنهنجي شاعرانه سوچ، فني پختگي ۽ پنهنجي پنهنجي انداز بيان سان نرالا شاعر هئا. هنن مان هر هڪ شاعر پنهنجي شاعرانه کيتر ۾ منفرد مقام جو مالڪ هو. هي ٽئي سنڌ پرست شاعر هئا. اسان سندن قومي سوچ جي عمل ۽ عملي ڪم جو اعتراف ڪندي اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هن ٽمورتي، جيڪا ظلم و ستم جي خلاف بلند بانگ شاعريءَ ۾ بغاوت پيش ڪئي، تنهن غريب، مظلوم ۽ صدين کان وٺي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙيل عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري ورتي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو عوامي حلقن اندر، چور وڏيرن ۽ ڪامورن کي پرکڻ جي جاڳرتا پيدا ٿي ۽ عوام جي دل ۽ دماغ تي شعور ۽ دانش جا انڊلٺي رنگ اُڀري پيا. هنن جي شاعريءَ جي طفيل حق ۽ سچ جو هوڪو بلند ٿيڻ لڳو. اهڙي ريت هي شاعري سنڌ جي فضائن ۾ گونجڻ لڳي، ان سان گڏوگڏ قومي سياست جي ڦهلاءُ ۽ پرچار  جي سلسلي ۾ تکي تلوار وارو ڪم سر انجام ڏيڻ لڳي:

مجبور ڪري ڪنهن کي ڏيئي پير نڙيءَ تي،

رشوت جا اِهي نوٽ وٺڻ سهي نه سگهان ٿو !!

هيڻن جي حقن تي ڇو هميرن جون هلائون،

مارئيءَ جو مٿان کوھ کڄڻ سهي نه سگهان ٿو!!

سرويچ سجاولي مفلس ۽ مظلوم طبقن جي نمائيندگي ڪندڙ سورھيه شاعر هو، ۽ سندس لفظ لفظ ظالم ۽ ستمگر طبقي لاءِ اڻگُس تير وانگي هو. هن جي طويل نظمن ۽ ولولي انگيز غزلن حڪمران طبقي جي ايوانن ۾ ٿرٿلا مچائي ڇڏيا هئا، سندن سُک چين ڦٽي چڪو هو، ڇو ته هن جي باغيانه شاعريءَ جا پُرجوش سڏ ۽ پڙاڏا ڌرتيءَ جي ڌراڙن جي زبان تي گونجي رهيا هئا:

هن پنهنجي پاڪ پياري ڌرتي مانجهي مڻيادار ڄڻيا،

هن سچل گهوٽ ڀٽائيءَ جھڙا ڪامل ڪلنگيدار ڄڻيا،

هن دودي هوشو بلوءَ جھڙا جري ۽ جهونجهار ڄڻيا،

هن جوڌا جُنگ ڄڻيا، هن ٻاونگ ٻاون وير ڄڻيا،

اي ساٿي سنڌ امڙ جي مٽي ڪهڙا ڪهڙا مير ڄڻيا.

جيتوڻيڪ سرويچ سجاوليءَ جو تعلق غريب ۽ ڪنگال طبقي جي ماڻهن سان هو، تنهن ڪري هن جون سموريون وفاداريون ۽ محبتون انهن ئي ماڻهن جي طبقي سان وابسته هيون، جي هن جي پُرنم نيڻن جي آڏو مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيندي عذابن واري حياتي گهاري رهيا هئا.

مزدور ٿيو چور کڻي بوجهه پٺن تي،

کڻي بوجهه پٺن تي، کڄي جيڪو اٺن تي.

اهو ئي سبب آهي جو هن جي دل ۽ هن جي شاعرانه تخيل جي پروازيءَ ۾ مفلس ماڻهو پنهنجي عظمت ۽ استقلال سان موجود آهن. هن جي شاعري بيڪسن ۽ بي سھارن لاءِ اميد ۽ آٿت جو ڪرڻو  هئي ۽ بي مدد گارن جي حقن جي حاصلات خاطر احتجاج جو علم بلند ڪندڙ، ۽ لُٽ ڦر ڪندڙ ظالم قوتن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ شيهي جي ديوار آهي. سرويچ سجاولي جي شاعري استحصال ڪندڙ طبقن لاءِ اعلانِ جنگ به آهي، ته سنڌي قومي سياسي نظرين جي رکوال ۽ دفاعي مورچي جو هٿيار به آهي.

سرويچ سجاوليءَ جا ٻئي ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” ۽ “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ڇپيل آهن. انهن ڪتابن مان چونڊ ڪلام مقامي فنڪارن ڳايو آهي. ٻئي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جا شاهڪار ڪتاب آهن. الغرض ته هو سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر آهي، جيڪو سنڌي سماج جو مڪمل عڪاس آهي. سرويچ جي وقت ۽ حال جي ڳنڀيرُ عذابناڪ صورتحال تي گھري نظر هئي، ان ڪري هن عوامي دک درد کي پنهنجي ذات جو الميو سمجهي، نهايت دلڪش جذبن، ۽ حڪايتن سان پنهنجي سون سريکي شاعريءَ ۾ پيش ڪري، پاڻ کي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ قادرالڪلام شاعر طور متعارف ڪرايو آهي:

ڪينجهر سندي ڪپ تي، ڪونڌر آهن ڪئين،

متان سمجهين ايئن، ته هوشو سڀ هليا ويا.

سرويچ تي لکندي مونکي هڪ ڏاهي ٽي-ايس-ايلٽ، وقت جي بهترين نقاد جا هيءُ لفظ ياد پيا اچن ته، “سوال اهو اهم ڪونهي ته ڪنهن شعر کي پنهنجي دور ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارن جو انگ ڪيترو گهڻو ۽ ڪيترو گهٽ آهي، پر خاص اهميت لائق ڳالهه اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ کيس پڙهڻ پرورڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو مختصر تعداد هميشه موجود رهي” ته سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ کي سڀاويڪ ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ وارن جو ڪثير تعداد ۽ حلقو موجود آهي، ان ڪري سرويچ سجاوليءَ جو نالو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هميشه خوبصورت لفظن ۾ ياد رکيو ويندو.