ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپور ماٿيلو جي عدالت نينگر سان بدفعلي اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار مولوي کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي
رات دير سان نينگر جي وارثن جوابدار مولوي عظيم سومرو سميت ٻن جوابدارن خلاف بدفعلي ۽ اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو
ڊي آءِ جي سکر واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او قابل ڀيو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي
پوليس جوابدار مولوي کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾پيش ڪيو ۽ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي
عدالت جوابدار مولوي کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي
نينگر جي وارثن موجب واقعي کانپوءِ نينگر گم آهي، خدشو آهي ته مامرو لئه مٽي ڪرڻ لاءِ کيس اغوا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جو موقف آهي ته نينگر جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو ته هو ڪٿي آهي
اُن کان اڳ ميرپور ماٿيلو ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام هيٺ گرفتار مولوي عظيم سومرو سميت 2 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو
پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مسجد جي امام مولوي عظيم سومرو کي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، ٻيو جوابدار اياز چاچڙ فرار ٿي ويو آهي، کيس به جلد گرفتار ڪيو ويندو
گذريل ڏينهن ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو قابل ڀيو گرفتار ڪيل مولوي عظيم سومرو کي بي گناهه قرار ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو هو