ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو  ۾ احتجاج ڪرڻ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي 120 ڪارڪنن مٿان سرڪار جي مدعيت ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ 20 سڃاتلن عمار دايو، نعمان مرڻاس، سڪندر سميجو، فيض کوسو، ثناءُ الله شيخ، جاويد لانگاهه، جنيد جلباڻي، نديم بوزدار، اظهر ڪلوڙ ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ سئو نامعلوم ماڻهو ڄاڻايا ويا آهن، ڪيس ۾ قومي شاھراهه بلاڪ ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ پوليس مٿان فائرنگ سميت دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آھن، ميرپورماٿيلو پوليس رات دير سان شهرين جي گهرن تي چڙهايون ڪري ٻن سوشل ورڪرن جنيد جلباڻي ۽ نثار بوزدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جنيد جلباڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پوليس شھيد نصر الله گڏاڻي قتل خلاف احتجاجن ۾ شريڪ ٿيڻ تي مڇرجي پئي آهي، کيس هيسائڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن رات جو دير سان گرفتار ڪيل نوجوان جنيد جلباڻي جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کي سکر ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته پٽ جي طبيعت جو ٻڌي سندس والد رشيد جلباڻي کي دل جو دورو پئجي ويو، جنهن کي ڊي ايچ ڪيو اسپتال آڻڻ بعد سکر نيو ويو، اسپتال ۾ جنيد جلباڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايچ او بدترين تشدد ڪيو آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيس ۾ نامزد سڪندر سميجو، مجيد جلباڻي،  عمار دايو شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جا ويجها دوست رهيا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل ماڻهن هفتو اڳ سهراب کٽياڻ جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪندي قومي شاھراهه تي ڌرڻو پڻ هنيو هو.