ميرپورماٿيلو (رپورٽر) ميرپورماٿيلو جي عدالت ٻيلي جي زمين مان وڻن جي واڍي ڪرڻ واري ڪيس ۾ 10 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سيڪنڊ سول جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ مختلف ڳوٺن جي 10 جوابدارن کي وڻ وڍڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3-3 سال قيد ۽ 30 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن ۾ قربان سميجو، علي گوهر، حفيظ، نديم سميجو، عبدالرحمان ڪورائي، نياز، غلام فريد ڪورائي، شبير بوزدار، نورمحمد بوزدار ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي عدالتي فيصلي بعد جيل منتقل ڪيو ويو.