ميرپورماٿيلو (ن پ ا) هندستان جي جيسلمير  مان هٿ آيل ميرپورماٿيلو واسي جوڙي جا لاش وارثن کي نه مليا، جيسلمير پوليس ۽  مقامي ماڻهن آخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ ٻئي لاش دفنائي ڇڏيا، وارثن پاران گذريل ڏينهن شام جو مذهبي رسمن جي ادائيگي ڪئي وئي، ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ غلام حسين لغاري سان تعلق رکندڙ نوجوان روي ڪمار ۽ سندس گهر واري شانتي ٻائي جا لاش جيڪي 3 ڏينهن اڳ هندستان جي جيسلمير واري ريگستان مان هٿ آيا هئا، تن کي جيسلمير پوليس قانوني ڪارروائي کانپوءِ دفنائي ڇڏيو، اطلاعن موجب جيسلمير پوليس پاران جوڙي جي آخري رسمن ۾ پوليس ۽ هندستان ۾ رهندڙ سندن مائٽن شرڪت ڪئي، جڏهن ته وارثن طرفان پنهنجي ڳوٺ غلام حسين لغاري ۾ مذهبي رسمون ادا ڪيون ويون، ياد رهي ته نوجوان روي ڪمار، تقريبا 10 ڏينهن اڳ پنهنجي والد سان ڪاوڙجي زال سميت گهر ڇڏڻ بعد لاپتا ٿي ويو هو، بعد ۾ ٻنهي جا لاش هندستان جي جيسلمير واري ريگستاني علائقي مان هٿ آيا هئا، خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ته جوڙو سخت گرمي ۽ اڃ سبب فوت ٿيو آهي.