ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ايم پي اي ڄام مھتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ اڳوڻو ايم پي اي شهريار شر گذريل ڏينھن اي ٽي اي ۾ پيش ٿيو، شهريار شر پنهنجي وڪيل قربان ملاڻو معرفت ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت 11 اپريل تائين ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار شر چيو ته کيس سياست کان آئوٽ ڪرڻ لاءِ سازش تحت قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، هن چيو ته هو پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪندو.