ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته مون کي پاڪستان جي روشن ۽ مستحڪم مستقبل تي پورو يقين آهي، هڪ سال دوران معيشت بهتر ٿي آهي مايوسي پکيڙيندڙ ۽ ڊفالٽ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا اڄ ڪٿي آهن؟ ڇو نه  انهن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي، ڪالهه هتي واپاري برادري کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ پاڪستان جي معيشت جا سمورا اشارا مثبت آهن، انشاءَ الله ايندڙ سال انهي کان به بهتر ٿيندو، مون کي پاڪستان جي روشن ۽ مستحڪم مستقبل تي پورو يقين آهي آرمي چيف چيو ته اڄ مايوسي پکيڙيندڙ ۽ ڊفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙ ڪٿي آهن؟ اسان سڀني کي پاڪستان کي ذاتي مفادن تي اوليت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته رياست ماءُ جيان آهي.  انهي جي قيمت لبيا، عراق ۽ فلسطين جي عوام کان پڇڻ گهرجي. ياد رکو! پاڪستان کانسواءِ اسان جي ڪا به سڃاڻپ ناهي، ڪيتريون به مشڪلاتون هجن جيڪڏهن اسان سڀ گڏ ٿي بيهنداسين ته ڪو به ڪجهه نه بگاڙي سگهندو، توهان هتي سيڙپڪاري ڪيو، انهي سان عوام جو به ڀلو  ٿيندو ۽ ملڪ به ترقي ڪندو. آرمي چيف چيو ته دهشتگردي کي غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن جي حمايت حاصل آهي، جن  پويان مخصوص عنصر آهن، پاڪستان جي ڊجيٽل سرحدن جو تحفظ ۽ عوام جي ڊجيٽل سيڪيورٽي رياست جي ذميواري آهي.