مايوسي پيدا ڪندڙن کي عوام جي حمايت سان شڪست ڏبي: آرمي چيف

0
161
مايوسي پيدا ڪندڙن کي عوام جي حمايت سان شڪست ڏبي: آرمي چيف
مايوسي پيدا ڪندڙن کي عوام جي حمايت سان شڪست ڏبي: آرمي چيف

آرمي چيف چيو آهي ته ذاتي مفادن لاءِ مايوسي پيدا ڪندڙن کي عوام جي حمايت سان شڪست ڏني ويندي، چئلينجز باوجود گذريل ڪجهه مهينن دوران پاڪستان ۾ ٻڏتر ۽ غيريقيني جي صورتحال گهٽ ٿي آهي، پاڪستان ۾ اُميد، اعتماد ۽ استحڪام ۾ واڌ نظر آئي آهي

آرمي چيف جي صدارت هيٺ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن دوران هُن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورين فارميشنز جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو

آءِ ايس پي آر موجب فورم جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان فلسطيني عوام جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪري ٿو