لاهور(شوبز نيوز)  پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل ماوره حسين بالي ووڊ جي ٻن وڏن سپر اسٽارز سلمان خان ۽ رنبير ڪمپور سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. هڪ تازي ڀارتي انٽرويو ۾ ماورا حسين ٻڌايو ته هو سلمان خان ۽ رنبير ڪپور سان فلم ڪرڻ چاهي ٿي. ماورا حسين 2016ع ۾ رليز ٿيل پنهنجي بالي ووڊ فلم “صنم تيري قسم” جي ٻيهر ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته “جيڪي نصيب ۾ هوندو، اهو ئي ملندو. ”سلمان خان بابت سوال تي ماورا حسين دل کولي سندس تعريف ڪئي. هن چيو ته هو سلمان خان جون ڪيترين فلمون ڏسي چڪي آهي، خاص طور تي “هم دل دي چڪي صنم” سندس پسنديده فلمن مان آهي. ماورا حسين وڌيڪ چيو ته سلمان خان کي ڪڏهن به ريٽائر نه ٿيڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته هو ضرور سلمان خان سان فلم ڪرڻ چاهيندي. ساڳي وقت، هن رنبير ڪپور سان فلم “راڪ  اسٽار” جيان ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي. ياد رهي ته ماورا حسين 2016ع ۾ فلم “صنم تيري قسم” ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو هو، ۽ مداح سندس فلم جي سيڪوئل لاءِ به پرجوش آهن.