لاهور (شوبز نيوز) ويجهڙائي ۾ شادي ڪندڙ پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين ۽ اداڪار امير گيلاني جي شادي سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي. ماورا حسين ۽ امير گيلاني جي شادي کانپوءِ سندس 2016ع جي بالي ووڊ فلم ۾“صنم تيري قسم” ٻيهر ڀارتي سئنيما گهرن ۾ رليز ٿيڻ بعد ڪاميابي ماڻي، جنهن پهرين رليز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آمدني حاصل ڪئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم جي هيرو هرش ورڌن راني کان هڪ انٽرويوءَ دوران ماورا بابت سوال پڇيو ويو ته هن شادي تي کيس ڪهڙو تحفو ڏنو؟ اداڪار پنهنجي جواب ۾ چيو ته مان کيس فلمز جي نمبرن ذريعي نيڪ خواهشون ڏيڻ چاهيان ٿو، ڇو ته اسان جي فلم جي ٻيهر رليز ڪامياب ڪاروبار ڪيو. هرش ورڌن راني انڪشاف ڪيو ته جڏهن 2016ع ۾ ”صنم تيري قسم“ ناڪام ٿي هئي ته هن فلم جي ساٿي اداڪارن، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سان ملڻ يا رابطو ختم ڪري ڇڏيو هو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ماورا حسين جي شادي جون تصويرون ڏسي سندس چهري تي جيڪا خوشي نظر اچي رهي آهي، اها فلم جي ڪاميابي سبب وڌيڪ وڌي ويندي. سندس چوڻ هو ته فلم جي ٻيهر ڪاميابي ماورا لاءِ شاديءَ جو بهترين تحفو هوندو. واضح رهي ته ماورا حسين ۽ امير گيلاني پنج فيبروري تي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا.