ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اداڪار فواد خان کانپوءِ اداڪارا ماورا حسين به ڀارتي سئنما ۾ واپسي لاءِ تيار آهي. ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي ماورا حسين ڀارتي پروجيڪٽ جو پوسٽر شيئر ڪيو آهي. هن عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪندي ٻڌايو ته ” تُو چاند هي” اسان جي طرفان توهان لاءِ هڪ خاص تحفو آهي“ اداڪارا نئين گيت ۾ ماڊل طور هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي سئنما جو رخ ڪري رهي آهي. هي خوبصورت گيت ڀارتي گلوڪار اکل سچديوا ڳايو آهي، جيڪو چار اپريل تي رليز ڪيو ويندو. ماورا حسين پوسٽ شيئر ڪندي دبئي کي لوڪيشن طور ٽيگ ڪيو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اِهو گيت دبئيءَ ۾ فلمايو ويو آهي.