ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين جي فلم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي“ خوبصورت اداڪارا ماورا حسين جي ڀارتي فلم ”صنم تيري قسم“ ڀارت ۾ ري رليز ٿي آهي، جنهن رليز ٿيندي ئي ڪاميابي جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا ۽ 4 ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ ڀارتي رپين جو بزنس ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا تي هر طرف صرف هن فلم ۽ اداڪارا ماورا حسين جي هاڪ هلي رهي آهي، ان کانسواءِ ڀارتي فنڪارن به فلم جي تعريف جا بند ٻڌي ڇڏيا آهن. بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن به فلم صنم تيري قسم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، هن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي فلم جو پوسٽر شيئر ڪيو ۽ گڏوگڏ ڪيپشن ۾ لکيو ته فلم جي ري رليز لاءِ تمام گهڻيون نيڪ خوهشون آهن. پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين به ڀارتي ليجنڊ جي پوسٽ کي پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ماورا حسين جي مڙس امير گيلاني به ڀارتي اداڪار جي پوسٽ پنهنجي انسٽا اسٽوري تي شيئر ڪندي ماورا کي ٽيگ ڪيو ۽ لکيو ته هي تمام وڏو اعزاز آهي، ماشا الله. واضح رهي ته نو سال اڳ رليز ٿيندڙ فلم ”صنم تيري قسم“ صرف 9 ڪروڙ جو بزنس ڪري سگهي هئي، جنهن جي ڪري ان کي فلاپ فلم تصور ڪيو ويو هو.