اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ماهه رنگ بلوچ جو نالو سفري پابندي جي لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق ماهه رنگ بلوچ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ ماهه رنگ بلوچ جا وڪيل ايمان مزاري، هادي علي چٺا پيش ٿيا. ايمان مزاري دليل ڏيندي چيو ته ماهه رنگ بلوچ ٽائمز گالا جي لاءِ نيويارڪ وڃڻي هئي. چيف جسٽس پڇيو ته اي سي ايل ۾ هي ته لکيو هوندو ته قانوني دليل ڏيو. ايمان مزاري چيو ته ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ماهه رنگ بلوچ کي چارکان پنج ڪلاڪ تحويل ۾ رکيو ويو. جڏهن ماهه رنگ کي روڪيو ويو ته ان وقت ان جو نالو ڪنهن لسٽ ۾ نه هو. هن وقت نالو اي اي ايل ۾ آهي. گوادر ۾ ايف آءِ آرز آهن جيڪو رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پهريان نالو اين آءِ ايل ۾ وڌيو ويو پوءِ ان لسٽ مان ڪڍي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو. ماهه رنگ بلوچ تي دهشتگردي، رياست مخالف سرگرمين جي قلمن هيٺ ڪيس داخل ٿيل آهن. ان جو نالو گهرو وزارت بلوچستان جي درخواست تي نو فلائي لسٽ ۾ داخل ڪيو. چيف جسٽس سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته روزانو ڪيترا ڪيس داخل ٿيندا آهن؟ سڀني تي ساڳيا قلم لڳايا ويندا اهن؟ اوهان ڪنهن کي ٻڌائيندا ڇو ناهيو ته ان جو نالو ڪهڙي نو فلائي لسٽ ۾ شامل آهي؟ اوهان ماهه رنگ بلوچ کي آگاهه ڪيو آهي؟ جڏهن ماهه رنگ بلوچ کي روڪيو ويو ان وقت ان جو نالو ڪهڙي لسٽ ۾ هو؟ ان جي وڪيل جو چوڻ هو ته ان وقت نالو ڪنهن لسٽ ۾ نه هو. چيف جسٽس سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته پي اين آءِ ايل لسٽ مان نالو ڪڍڻ بعد اي سي ايل ۾ ڇو وڌو ويو؟ اوهان پي اين آءِ ايل جو غلط استعمال ڪري رهيا آهيو. سرڪاري وڪيل چيو ته عارضي طور تي نالو پي اين آءِ ايل ۾ وڌو ويندو آهي. ان بعد اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. چيف جسٽس چيو ته اي سي ايل جا پورا رولز آهن. اوهان کي مدد ناهي ڪرڻي، چاهيو ٿا ته جج ئي سڀ ڪري. مهرباني مان ان کي ڏسان ٿو. عدالت ماهه رنگ بلوچ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.