ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ، صوبائي حڪومت کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيل ماه رنگ بلوچ، بيبو بلوچ، ماما غفار ۽ ٻين 92 کان وڌيڪ بلوچ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت واضح هدايت ڪئي ته آزاد ٿيندڙ سمورن ماڻهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران ساجد ترين ايڊووڪيٽ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اعجاز سواتي ۽ جسٽس عامر رانا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت بلوچستان سرڪار کي هدايت ڪئي ته ايڊووڪيٽ جنرل ذريعي عدالتي حڪم تي فوري عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.