ٺٽو (رپورٽر) تماڪ کان پاڪ پاڪستان، تماڪ جي گهٽ استعمال سان ممڪن آهي. پاڪستان کي تماڪ نوشيءَ کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت اهڙا قدم کڻي جنهن سان تماڪ جو استعمال روز بروز گهٽجي سگھي. اي آر آءِ پاڪستان ۽ ان جي پارٽر سماجي تنظيم سنڌ سجاڳ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جي نمائندن ابراهيم هيجب ۽ ٻين چيو آهي ته عام صحت جي تحفظ لاءِ پاڪستان  حڪومت کي جديد سائنسي طريقن سان اهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن،  جنهن سان تماڪ جو استعمال گهٽجي سگهي.  هنن چيو آهي ته سگريٽ ۾ ٻرندڙ تماڪ ۾  نڪوٽين جو استعمال ماڻھن جي صحت لاءِ انتھائي هاڃيڪار آهي،  ان جي جاءِ تي سگريٽ ۾ اهڙي مصنوعات استعمال ڪئي وڃي، جنهن ۾ نڪوٽين نه هجي هنن مطالبو ڪيو آهي ته سائنسي ماهرن جي مشورن سان نڪوٽين جو متبادل ڳولي ان جو سگريٽ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن سگريٽ ڇڪيندڙ نڪوٽين جي نقصان کان بچي سگهن.