ڄام نوازعلي (ن پ ا) سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي جي قديمي ماڳ برهمڻ آباد تي تاريخدانن، تحقيقدانن، ليکڪن، اديبن، شاعرن، قوپرست پارٽين جي اڳواڻن، قلمڪارن کي مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي ٽنڊو آدم پاران مطالعاتي دورو ڪرايو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آثارِ قديمه جي ماهرن، تاريخدانن ۽ اديبن عاطف علي شيخ، ايڊوڪيٽ اعجاز مگسي، جانڻ سنڌي، عاشق حسين ساند، رياض حسين سنجراڻي، ياد حسين شيخ، الهداد مري، زوهيب آچر خاصخيلي ۽ ٻين  چيو ته برهمڻ آباد سنڌ جو قديم تاريخي ماڳ آهي، جنهن ۾ ٽي هزار سالن کان به پراڻي تاريخ پوريل آهي، آرڪيالاجي کاتي سنڌ جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب هي ماڳ تباهه ٿي رهيو آهي، تاريخ ميسارجي رهي آهي،  جيڪڏهن هن آرڪيالاجي سائيٽ تي اڃا به ڌيان نه ڏنو ويو ته اسين ماضيءَ جي هن عظيم تاريخي ڄاڻ  کان محروم ٿي وينداسين. هنن چيو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هنن قديمي آثارن جي باقاعده سائنسي بنيادن تي ٻيهر کوٽائي ڪرائي وڃي، هنن چيو ته پوئين دورن ۾ کوٽائي دوران هتان لڌل تاريخي نواردارت جيڪي مختلف ملڪن جي ميوزمن ۾ رکيل آهن انهن کي هتي قائم ڪيل ميوزم ۾ رکيو وڃي ته جيئن ملڪي ۽ غير ملڪي شاگرد جيڪي آرڪيالاجي سان دلچسپي رکندڙ آهن اُهي هن تاريخ ۽ ثقافت کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن، هنن وڌيڪ چيو ته ماڳ جي مالڪي ۽ تحفظ لاءِ حڪومت سان گڏ عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي تاريخدانن، محققن، ليکڪن، صحافين، استادن قرارداد منظور ڪيون  ته برهمڻ آباد جي زمين مٿان ٿيل قبضا فوري طور تي خالي ڪرايا وڃن، بچيل قديمي آثارن جي حفاظت لاءِ چوڌاري ڪنڊيدار تار يا وال بائونڊري تعمير ڪرائي وڃي. اسٽوپا جي حفاظت ڪئي وڃي، آرڪيالاجي کاتي پاران تعمير ڪرايل اڻپوري ميوزم کي حفاظتي بائونڊري ڏياري عملو، ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، برهمڻ آباد جي سائيٽ کي ورلڊ هيريٽيج لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي. برهمڻ آباد جي سائنسي بنيادن تي ٻيهر کوٽائي ڪرائي وڃي. مختلف ميوزمن ۾ رکيل برهمڻ آباد مان مليل نواردارت فوري طور تي واپس ڏياري وڃي قديمي ورثي جي زمين تي ٿيل قبضي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.