لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) آثار قديمه جي ماهرن عراق ۾ اسلامي تاريخ جي هڪ اهم ترين جنگ جي درست هنڌ جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، برطانيه جي ڊرهم يونيورسٽي ۽ عراق جي القادسيه يونيورسٽي جي ماهرن آمريڪي جاسوس سيٽلائٽس جي ڊي ڪلاسيفاءِ تصويرن ذريعي ان هنڌ جي سڃاڻپ ڪئي، انهن جنگ قادسيه جي هنڌ کي دريافت ڪيو ۽ ان حوالي سان هڪ تحقيق جا نتيجا جاري ڪيا، 636 يا 637 عيسوي ۾ ٿيل اها اسلامي تاريخ جي اهم ترين جنگ آهي، جنهن بعد ٻيٽ نما عرب کان ٻاهر مسلمانن جي فتحن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ اهي ايران جي سرزمين جا مالڪ بڻجي ويا، اها اسلامي تاريخ جي اهم ترين جنگ آهي پر اڃا تائين ان جي درست هنڌ جي ڄاڻ نه هئي، تحقيق ۾ شامل ماهرن جو چوڻ هيو ته اهي وچ اوڀر جي تاريخي هنڌن جو نقشو بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان دوران اها دريافت ٿي، هنن شروع ۾ ڪوفه کان مڪه مڪرمه وچ ۾ سفر ڪندڙ پانڌيئڙن جي رستي جو نقشو تيار ڪيو ۽ ان لاءِ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪي جاسوس سيٽلائيٽس جي ڪڍيل تصويرن ۽ تاريخي مسودن کي استعمال ڪيو، ان ڪم دوران انهن کي احساس ٿيو ته اهي انهيءَ طريقيڪار ذريعي جنگ قادسيه جي هنڌ جي سڃاڻپ به ڪري سگهن ٿا، ڊرهم يونيورسٽي جي ماهر وليم ڊيڊمين ٻڌايو ته مون کي لڳو هيو ته اها ڪوشش ڪري ان هنڌ کي دريافت ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي، سڀ کان پهرين انهن نقشي تي تاريخي دستانن ۾ بيان ڪيل رستن جي چوڌاري دائرا بڻايا ۽ پوءِ انهن جڳهن جي سيٽلائيٽ تصويرن جو غور سان جائزو ورتو، وليم ڊيڊمين ٻڌايو ته اهو دستانن ۾ بيان ڪيل هڪ قلعي ۽ ڀت کي ڳولي دنگ رهجي ويو ۽ شروع ۾ کيس يقين ئي نه آيو، تحقيقي ٽيم موجب اها تاريخي جنگ ڪوفي جي ڏکڻ ۾ 19 ميل پري ٿي هئي، ان جنگ ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله تعاليٰ عنه جي قيادت ۾ تمام ٿورن مسلمانن ساساني سلطنت جي تمام وڏي فوج کي شڪست ڏني هئي، هاڻي اهو زرعي خطو آهي ۽ 6 ميل ڊگهي ڀت جو اڪثر حصو تباهه ٿي چڪو آهي يا اها ڀت زرعي زمينن جو حصو بڻجي چڪي آهي، جنگ جو هنڌ دريافت ڪرڻ بعد محققن اتي وڃي سروي ڪرڻ ۽ تاريخي آثار جو نقشو بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي پر وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب اڃا تائين ان تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو. ان تحقيق جا نتيجا جرنل Antiquity  ۾ شايع ٿيا آهن.