ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي وڌندڙ عمر باوجود جوان نظر اچڻ لاءِ ڪاسميٽڪ سرجري نه ڪرائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته شروع کان ئي پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت تي يقين رهيو آهي ۽ مان ڄاڻان ٿي مون کي ان ئي بنياد تي ڪم ملندو. هن چيو ته ڪيريئر دوران پنهنجي فٽنس جو خاص خيال رکيو آهي،ٻارن ۽ مڙس سان بهترين زندگي گهاري رهي آهيان، سندن لاءِ طرحين طرحين طعام ٺاهيندي آهيان، ورڪ آئوٽ ڪرڻ به پسند اٿم. ڪرينا ڪپور چيو ته عمر خوبصورتي جو هڪ حصو آهي، ان جو اِهو مطلب نه آهي ته انسان کي سدائين جوان نظر اچڻ گهرجي يا خوبصورتي جوان نظر اچڻ ۾ ئي آهي، اوهان جنهن عمر ۾ آهيو ان کي انجواءِ ڪريو. اداڪارا چيو ته سندس عمر 4 سال آهي ۽ هوءَ نه ٿي سمجهي ته کيس ڪنهن به قسم جي بوٽڪس يا سرجري جي ضرورت آهي، مڙس کي ايئن ئي وڻان ٿي، ٻيو ڇا کپي؟ ڪرينا ڪپور وڌيڪ چيو ته دوست چوندا آهن ته مان خوبصورت نظر اچان ٿي، ان سان گڏوگڏ فلمن ۾ ڪم ملي رهيو آهي، اهڙين فلمن جي چونڊ ڪندي آهيان جيڪي منهنجي عمر جي حساب سان ٺيڪ آهن، چاهيان ٿي ته مون کي مداح ائين ئي ڏسن جيئن مان آهيان.