لنڊن(اسپورٽس نيوز) مانچسٽر سٽي لاڳيتو چوٿون ڀيرو انگلش پريميئر ليگ جو ٽائٽل کٽي ورتو آهي. مسلسل چوٿون ڀيرو انگلش پريميئر ليگ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري مانچسٽر سٽي اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي. ميگا ايونٽ دوران آرسنل جي ٽيم ليگ جي آخري ڏينهن فتح باجود ٻن پوائنٽن جي فرق سان ٻئي نمبر تي رهي جڏهن ته ليورپول جو ٽيون نمبر رهيو.