اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ نان وڪرو ڪندڙن جي ايسوسيشن پاران نان ۽ ماني جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي،  اسلام آباد ۾ ماني جي اگهه ۾ 5 رپين جي اضافي سان 25 رپيا ٿي وئي. سادو نان 25 رپين کان 30، ڪلچه نان 30 رپين کان وڌائي 40 روپيا، پراٺو 10 رپين جي اضافي سان 60 رپيا، روغني نان به 10 رپين جي اضافي سان هاڻي 60 رپيا ڪيو ويو آهي. ايسوسئيشن جي صدر سجاد علي عباسي، نائب صدر حبيب خان جو چوڻ آهي ته اٽو ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿي رهيو آهي ان ڪري قيمتون وڌايون آهن.