خانپور (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعيدو شر ۾ بي رحم پٽ راشد شر ماني دير سان پچائڻ تي پنھنجي سڳي ماءُ  مسمات سوناري  کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي  ويو. مسمات پٺاڻي اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته راشد پنھنجي ماءُ کي ماني دير سان پچائڻ جي ڳالهه تان ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيو آھي.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل۾ وٺي خانپور اسپتال آندو، جتان  لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. رستم پوليس جو چوڻ ھو ته جوابدار راشد شر  پنھجي ماء کي ڪھاڙين جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ڪيو آھي واقعي جي ھر رخ کان جاچ ڪريون پيا.