ماني جهڙو چنڊ

0
83
تن کي روئان ڪيئن ڪري

                 ان رات چنڊ وڻن مان ٻاهر نڪري چڪو هو، ڳوٺ جي سنسان گلين ۾ ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز اچي رهيا هئا، جڏھن ته ڳوٺ کان پرڀرو جهنگ ۾  گدڙن جي اوناڙ  بکايل ديس جي خاموش سدا لڳي رهي هئي،  سياري جي سرد رات ۾ ٻرندڙ مچ جي چوڌاري اڌ اگهاڙا ٻارڙا قطار ڪري ويٺل ھئا، ٻارڙن بار بار ماني لاءِ سندن ماءُ کان پڇيو ٿي، امان اڄ نه دانگي چاڙھي اٿئي نه ئي دانگي تان ڪونجون ٿيون لنگهن، اسان کي ڏاڍي بک لڳي آھي.

                  پڻھين اجهو اٽو وٺي آيو، پوءِ  دانگي به چاڙھيون ٿا، مانيون به پچن ٿيون،ڪونجون به اڏرن ٿيون، پوڙھي عورت ٻارڙن کي دلاسان ڏيندي ڀڻڪيو،جيئن ئي چنڊ مٿي چڙھيو،ته چلھه جي پاسي ۾ رکيل برتن ۾ پاڻي تي چنڊ ترڻ لڳي ٿو، چنڊ جي شڪل هوبهو ماني جهڙي لڳي ٿي،هڪ ابهم ٻارڙو پاڻي ۾ چنڊ کي ڏسي ماني ڏانهن هٿ وڌائي ٿوته سندس هٿ مان چنڊ ماني بار بار ڇڏائي وڃي ٿي ۽ سندس هٿ ٿڌو ٿي پوي ٿو، هو اها ڪوشش ٻي دفعا به ڪري ٿو۽ ٻي دفعا به ماني هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو،سندس ماءَ اهو ڏسي کيس چوي ٿي ٻچا ڇو پيو ٿڌي پاڻي ۾ ھٿ هڻين؟

امان،ماني ٿو کڻان پر ماني هٿ ۾ نه ٿي اچي، گهر ڀاتي ان تي اداس ٿي وڃن ٿا ۽ رات جا پهر جيئن اڳيان وڌڻ لڳن ٿا،ٿڌ ۾ اضافو ٿيڻ لڳي ٿو، ٻارڙا ماني جو آسرو پلي دکندڙ مچ جي ڪناري کان فرش تي ليٽي پون ٿا۽ ان وقت رات جو اهو منظر بدنما منظر جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو،  مون کي ننڍپڻ جو زمانوياد اچڻ لڳي ٿو،جنهن ۾  اسان ننڍي هوندي اونهاري جي وڏن ڏينهن ۾ صبح جو پڪل ايري جون مانيون جيڪي ٽپهري تائين سڪي سخت ٿي وينديون هيون هٿن ۾ کڻي کائيندا راندين جي ميدان ڏانهن نڪرندا هئاسين ۽ ڪجھه ٻارڙا جن جي گهرن ۾ ٽپهري تائين  مانيون ختم ٿي وينديون هيون، اهي ٻار اسان کي ماني چٻاڙيندو ڏسي پيا اسان کي گهوريندا هئا. بک وڻ ويڙھي ول جيان هوندي آھي جيڪا جسم کي آھستي آھستي پيئي سڪائيندي آھي.

مون هڪ دفعي جاتي ويجهو دوران سفر ٻپهري ويل ڪجھه ٻارڙا سڪل مانيون چٻاڙيندي ڏٺا هئا جنهن علائقي جا ڪجھه ماڻھو مزدوري سانگي شھرن ڏي هليا ويا آھن ته ڪجھه ماڻھو اڃان  گهرن ۾ رهيل هئا،جيڪي هڪ  ويلي جي ماني لاءِ پريشان هئا، غذائي کوٽ سنڌ جي پورهيت ماڻھن کي جسماني طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي،هن وقت ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ اٽي جي کوٽ ماڻھن کي نه فقط جسماني طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي پر ان سان گڏ بيماريون به ڏيئي ڇڏيون آھن،

غذائي کوٽ سبب انساني جسم ۾ ڪئلشم گهٽجي ويندي آھي ۽ رت جي رواني ۽ اعتصابي تسلسل غير موثر ٿي ويندو آھي،هڏيون ڪمزور۽ چمڙي خشڪ ٿي ويندي آھي، جيئن ته اڳ جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ھاڻي ڏٿ به ناهي رهيو، جنهن تي ڏوٿي گذران ڪري وقت ڪڍي سگهن.  ڏٿ جهنگ جي ٻوٽن، ٻوڙن ۽ وڻن مان پيدا ٿيل ميوو ان  ۽ کاڌوآھي، جن ۾ ڏئونرا، ٽوهه جو ٻج ،سائون ، پسي،پيرون ، مانڌاڻو، مکڻي، چپڙ،ڪرنگھه،منگها،مرٽ ،گولاڙو، ليار، مڪ، سڱر، ڳاڱيون ٻير ۽ ٻيون شيون آھن.  مارو ماڻھو آڳاٽي وقت ۾ جهنگلي ميوا کائي پيٽ ڀريندا هئا، هاڻي اهي جهنگلي ميوا ۽ اناج  به ختم ٿي ويو آھي، ٻھراڙين توڙي شھرن ۾ رهندڙ غريب ماڻھو هن وقت ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان آھن. ڪجهھ وقت اڳ مون اخبار ۾ پڙھيو هو ته ڪو بکايل ماڻھو شھر جي شادي هال ۾ ماني کائڻ لاءِ گهڙيو ته هال جي انتظاميا ان تي تشدد ڪري ان کي زخمي ڪري ڇڏيو جيڪو اڳيان هلي گذاري ويو. بک ۽ وحشيت جي بدتر صورتحال ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

مون ٿر ويندي مٺي جي هوٽل ۾ هڪ دفعي  ماني کاڌي، ماني کائيندي ڪجهھ ٻارڙا ڏٺم، جن هوٽل ۾ ماني کائيندڙن اڳيان ماني لاءِ سين ٿي هنئي ۽ پوءِ مون  ڪافي وقت کان سنڌ جي پسمانده علائقن ۾ ٿيندڙ خودڪشين جي ڪارڻن تي سوچيو.  معلوم ٿيو ته خودڪشين جو اڪثر ڪارڻ غربت ۽ بي روزگاري آھي.مون کي اهو به ياد آيو ته ڪيئي سال اڳ اسان جي ڳوٺ ۾ گهورڙيون عورتون ۽ ٻارڙا ايندا هئا عورتون جن کي نرڙ تي تلڪ لڳل هوندا هئا ٻانهن ۾ چوڙا ، پيرن ۾ ڪڙيون ۽ ڳچي ۾ حص هوندا هئا،

هوچوڙيون ، چاندي جون منڊيون، ڇلا ۽ ٻيون سامان کڻي اينديون هيون. هو گهر گهر سامان به وڪڻنديون هيون ۽ ماني به وٺنديون هيون ڪڏھن ماني چادر ۾ ٻڌي ڇڏينديون هيون ته ڪڏھن وري انهن جا ٻارڙا، ماني سندن هٿن مان ڦري کائڻ لڳندا هئا. ڇهن مهينن کان پوءِ اهي ساڳي عورتون آيون پر انهن ۾ ھڪ عورت ڪو نه هئي معلوم ٿيو ته اها عورت پاڻي ڀريندي کوهه ۾ ڪري پيئي ۽ ٻڏي مري ويئي، ڪيئن چئجي ته اها خود ڪشي هئي يا هٿرادو موت.  آڳاٽي وقت ۾ مڱڻن کي  گهر گهر ماني ملندي هئي، جيڪڏھن ماني تيار نه هوندي هئي ته اٽي لپ به ڏني ويندي هئي. هن وقت گهورڙين عورتن کي نه ماني ٿي ملي ۽ نه ئي اٽو ٿو ملي، هن وقت سنڌ جي اڪثر غريب ماڻھن جي صورتحال خود گهورڙين جهڙي ٿي ويئي آھي.

 مون کي اهو ڀڳت به ياد ٿو اچي  جيڪو ٿورو اڳ تڏھن بيماري ۽ بک ۾ گذاري ويو جڏھن گذريل برساتون وسي رهيون هيون، مون کي ان ڀڳت جي بک ۾ مري وڃڻ جي ڳالهھ ان جي ويجهي مائٽ ٻڌائي هئي. هن ٻڌايو ته ھو گهر ۾ اڪيلو ٿي رهيو جيستائين بيمار نه ٿيو هو ته هو وڃي مزدوري ڪندو هو.  مزدوري مان اٽو وٺي ايندو هو، سندس شادي شده ڌيءَ لولو پچائي ڏيندي هئي هو کائيندو هو پر جڏھن کان ڀڳت بيمار ٿيوته نه اٿڻ جي سگهه رهيس، نه علاج جي ۽ نه ڪنهن سندس پرگهور لڌي، نيٺ دم ڏيئي ويو، ٻئي ڏينهن ڪنهن ڏٺو ته ڀڳت ڪڏھوڪو مري چڪو آھي.

مون مٺي جي هوٽل ۾ هڪ ماني کائي ٻيون مانيون ٻارڙن کي ڏيئي ڇڏيون، هوٽل ۾ موجود ماڻھن مون کي ايئن گهوري ٿي ڏٺو، گويا اهي ٻارڙا منهنجا عزيز هجن.

بک ڪنهن ماڻھو جي هجي، جانور جي يا پکي جي، بک بک هجي ٿي.سائنس جي خيال کان انسان کي بک ۾  ننڊ نه ٿي اچي ۽ نه ئي تڙپ ختم ٿئي ٿي، بک لڳڻ ڪري جسم ۾ پروٽين،وٽامن ۽ ڪئلشم جو حصو پورو نه ٿو رهي، بک انسان، جانور يا پکي کي آھستي آھستي ڪمزور ڪندي رهندي آھي تان جو ان مان ڪائي بيماري جنم وٺندي آھي ۽ بيماري ان ساهواري جي موت تي ختم ٿيندي آھي.

بد قسمتي سان اسان جو ديس بار بار بک ۽ بيمارين جي المين مان گذري رهيو آھي ۽ اهي الميا هن ديس جي غريب ماڻھن کي ايئن کائي رهيا آھن جيئن ڪاٺ کي اڏوهي کائيندي آھي. هڪ دفعي ڪامريڊ حاجي خان چانڊيو وٽ ويٺا هئاسون ته هو گوشت جي ڀاڄي سان گڏ ناڙي جي ڀاڄي به کڻي آيو. ماني ٽيبل تي رکي ڀاڄين ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي چيائين، هي مرغي جي ڀاڄي ۽ هي اٿو ناڙي جو ٻوڙ. مون سندس چهري ۾ تعجب سان ڏٺو.

هو منهنجي ڏسڻ سان چوڻ لڳو،اسان ننڍي هوندي ناڙي، ڄانڀي للر ۽ مريئڙي جي ڀاڄي کائيندا هئاسين. ان وقت اناج جي کوٽ ھئي، ڪڏھن ڪڏھن چني ۽  ڪڙي ڪم جي ماني به پچندي هئي، جنهن مان چوٿ اڌ کائي ڪو ڍور  پهرائيندو هو  ته ڪو وري ٻني ٻاري  تي هليو ويندو هو.

ان زماني ۾ رتڙيا، ڳاڙھا، جيري ۽ ٻيون سارين جون  ديسي جنسون پوکبيون هيون جيڪي کائڻ ۾ لذيذ ليڪن اپت گهٽ ڏينديون هيون. هاڻي ته ولايتي ٻج اچي ويا آھن،جن سان اپت چوڻي ٿئي ٿي.مون آھستي وراڻيو ته ان هوندي به هن ديس جو هاري ۽ مزدور بکيو ٿو رهي. آئون جڏھن حاجي خان کان اٿي واپس ٿي آيس ته چنڊ اڀري  رهيو هو،

رستي کان مون پورهيتن جا ڪيترائي جهوپڙا ڏٺا جن ۾ مچ ٿي ٻريا، ليڪن اها خبر نه هئي ته انهن جهوپڙن جي چلهن ۾ مانيون به پڪيون ٿي يا وري انهن وٽ به چنڊ ماني جا خالي خيال هئا.