اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ٻاهر نڪرندي ئي صحافين ن ليگ قائد کي گهيري ورتو، هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان خاور مانيڪا جو انٽرويو ٻڌو آهي؟ جنهن تي نواز شريف چيو ته جي ڏٺو آهي. نواز شريف ڪنهن جو نالو کڻڻ بنا چيو ته هاڻ ان کي مديني جي رياست جو نالو نه وٺڻ گهرجي، صحافي سوال ڪيو ته هو مديني جي رياست جو نالو وٺندو هو پر ڇا هاڻ ان جو اصل چهرو سامهون اچي ويو؟ جنهن تي نواز شريف چيو مان ته چيو آهي جيڪي ڳالهيون هن ڪيون آهن، ان کانپوءِ مديني جي رياست جو نالو نه وٺڻ گهرجي.