ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ پاران مانيٽري پاليسيءَ جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو، اقتصادي ماهرن وياج شرح ۾ 2 سيڪڙو تائين گهٽتائيءَ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي صدارت هيٺ سڀاڻي سڏايو ويو آهي، اجلاس ۾ ملڪ جي مائيڪرو  ۽ ميڪرو صورتحال سان گڏ عالمي حالتن جو جائزو ورتو ويندو، جنهن بعد پاليسي ريٽ جو اعلان ڪيو ويندو، اقتصادي تجزيي ڪارن جو چوڻ آهي ته ناڻي واڌ  جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ بعد وياج شرح ۾ 2 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، هن وقت بنيادي شرح 17 ڏهائي 5 سيڪڙو آهي.