مانجھند (ن پ ا) مانجھند شھر صفائي نه ٿيڻ جي ڪري گندگي جي ور چڙھيل آھي شھر جي مين بازار ريشم بازار ميمڻ محلا منڇري پاڙو عبدالله شاھ ڪالوني سميت شھر جون گليون گذريل ٻن ھفتن کان ڪچري جو ڏيک ڏيڻ لڳيون آھيون. رھواسين اڪبر کوسو محمد عمر ابڙو گلزار ملاح ۽ فقير اعجاز ميمڻ ڳالھائيندي چيو ته گذريل ٻن ھفتن کان ٺيڪيدار شوڪت ميمڻ پاران ٽائون انتظاميا طرفان پئسا نه ملڻ ڪري صفائي عملو ڪم ڪرڻ لاء تيار ناھي. رھواسين موجب 2 ھفتا صفائي نه ٿيڻ ڪري شھري شديد پريشانين جو شڪار آھن شھري گندگي سبب بازار ۾ نه ٿا وڃي سگھن مسجدن اڳيان گندگي ھجڻ ڪري نمازين کي نماز پڙھڻ ۾ مشڪلات سان گڏو گڏ اسڪول اڳيان صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي نالين مان اٿلي گلين ۾ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نااھل ٽائون عملي خلاف ڪاروائي ڪري مانجھند جي صفائي کي يقيني بڻائيو وڃي.