مانجهند(ن پ ا) مانجهند ڀرسان خاصائي انڊس هاءِ وي تي موڙ وٽ لاڙڪاڻو کان ڪراچي طرف ويندڙ مسافر ڪوچ آڏو اوچتو گڏھه اچڻ سبب بس گڏھه سان ٽڪرائجڻ کان ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 65 ورهين جو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خير محمد آريجا جو انور علي مڱريو ولد محمود، ٻه ڀينرون 16 ورهين جي بسما ڌيءَ بهادر علي، 12 ورهين جي ثنا ڌيءَ بهادر علي ۽ چئن ورھين جو سالار موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن عبدالرزاق چانڊيو، سيد ارشاد شاھه، 55 ورهين جو بهادر علي. 40 ورهين جي صغرا، 8 ورهين جو علي حيدر، 18 ورهين جي ساجده، 40 ورهين جو عتيق الرحمان ولد سعيد خان، سندس گهر واري وحيد علي ڀنگر، اصغر علي محمد اسلم، محمد سليمان ولد محمد صديق، غلام رسول، 7 ورهين جو محمد حنيف، محمد موسي، عادل علي، سلام کوسو، زخمي ٿي پيا جن کي 1122 جي ريسڪيو رضاڪارن مانجهند جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، مسافرن موجب مانجهند انڊس هاء وي جي هوٽل تي ترسڻ کانپوءِ جيئن ئي ڪراچي لاء نڪتاسين ته ڊرائيور بس کي اوور اسپيڊ ڏني، کيس منع ڪرڻ باوجود اسپيڊ تي ڪنٽرول نه ٿيو اڳيان موڙ اچڻ سبب بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري لامارا کائيندي ڪلٽي ٿي پئي.