مانجهند : مرڪ جو لاش ايمبولنس ذريعي حيدرآباد کان اباڻي شھر مانجهند آندو ويو، جتي جنازي نماز  هاءِ اسڪول ۾  ادا ڪئي وئي،  جنهن ۾ عبدالفتاح چنا، ديدار شام، ايس يو پي ڊويزنل صدر حيدرآباد خدا بخش ٿيٻو، قومي  ورڪرن  سياسي سماجي ڪارڪنن شھرين برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد مڙھ کي شاه اويس قرني قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.