مانجھند (رپورٽر) مانجھند ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي ليڊيز ونگ اڳواڻ ياسمين ڪاڪا، علڻ ٿيٻو، مدد سولنگي، ايس ٽي پي اڳواڻ مصطفيٰ کوسو، جسقم اڳواڻ ڪامريڊ گلشير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منظورآباد انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي نااھلي سبب ڳوٺن ۽ شھرن کي مليل واٽرسپلائي اسڪيمون ناڪارا بڻجي ويون آهن، ڏورانھن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھيون، چار ڪلاڪ روڊ بند رهڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد علي خاصخيلي ۽ ڊي ايس پي کاڻوٺ يارمحمد نظاماڻي منظورآباد پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري متبادل طريقي سان عوام کي پاڻي مھيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو،