مانجھند (ن پ ا ) مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نينگر قتل ڪيس جي جوابدار ڪامران عرف ڪامو رند جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ مختيار احمد جکراڻي جي نگراني ۾ سول اسپتال حيدرآباد ڊاڪٽر احسان ميمڻ ۽ پوليس سول سرجن ڊاڪٽر وقار احمد جي اڳواڻي ۾ چئن ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم قبرڪشائي ڪري جزا ورتا. جوابدار ڪامران عرف ڪامو رند 7 ورھين جي نينگر مرتضيٰ ملاح کي اغوا ڪري ڦاھو ڏئي مبينا طور بيدردي سان قتل ڪيو ھو، جيڪو 33 اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو ھو. پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جي پيءُ سوڀو رند مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي.