مانجھند (ن پ ا) هاءِ اسڪول مانجھند ۾ جشن بهار جو شاندار پروگرام شاگردن استادن ۽ تعليم  سان سلھاڙيل ماڻھن ڀرپور شرڪت ڪئي. پروگرام جي صدارتي خطاب ڪندي  ڊائريڪٽر اسڪولس حيدرآباد ڊويزن عزيزالله اوڍو چيو ته دنيا موجوده صدي جديد ٿي وئي آهي ان جي ڪري اسان سڀن کي جديد ٿيڻ جي لاءِ بهتر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون  ڪرڻيون پونديون دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي سموري دنيا رنگن ۽ خوشبو سان ڀري پئي آهي اسان نه رڳو مانجهند ۾ پر پوري حيدرآباد ڊويزن ۾ شاگردن ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ مختلف فيسٽيول ڪرائي رهيا آهيون استاد وڏيون ذميواريون نڀائي رهيا آهن تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ غيرنصابي سرگرميون به شاگردن جي نشونما جي لاءِ ضروري آهن.